حافظ محمد ابراهيم مولانا

حافظ محمد ابراهيم، مولانا: سنڌ جي نامياري مدرس، عالم ۽ ليکڪ مولانا حافظ محمد ابراهيم جو جنم 1307هه/1889ع ۾ ڳڙهي ياسين ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي والد مولانا محمد قاسم وٽان حاصل ڪئي. سندس مدرسي مان فارغ التحصيل شاگردن ۾ مولوي يار محمد چنا، مولوي صدر الدين صحبت پوري، مولوي خليل الرحمٰن جوڌپوري، مفتي محمد علي جيڪب آباد وارو، مولوي جان محمد شڪارپوري، حافظ خير محمد اوحدي، مولوي عبدالعزيز ڊِٻائي ۽ حافظ محمد موسيٰ الياسي قابلِ ذڪر آهن.
سندس تصنيفن ۾: (1) ’قرآن پاڪ جي ڪن سيپارن جو ترجمو‘ (تفسير سان گڏ)، (2) ’ديوان فارسي‘، (3) ’مشڪواة شريف‘ (ترجمو: ربيع الاول)، (4) ’رسالو ازالة الاستياب‘ (فارسي)، (5) ’رسالو حڪم‘ (فوٽوگرافي عربي)، (6) ’قوت ايمان‘ (سنڌي)، (7) ’مناسڪ حج‘ (سنڌي)، (8) ’رسالو جماعت ثانيه‘ (فارسي)، (9) ’لبـاس الـنبـي‘ (سنڌي)، (10) ’تعـليـم الـمسلـميـن‘ (سنڌي)، (11) ’آداب رسول الله‘ (منظوم فارسي)، (12) ’مامريدان‘ (منظوم فارسي) ۽ (13) ’هدايت العباد فيمايتعلق بالضاد‘ قابلِ ذڪر آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو